نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي ڳوٺ ديوريا سان واسطو رکندڙ هڪ شخص پنهنجي زال جي شادي هن جي محبوب سان ڪرائي ڇڏي آهي.
1999ع جي بلاڪ بسٽر فلم ”هم دل دي چڪي صنم“ جنهن ۾ ايشوريا راءِ، سلمان خان ۽ اجي ديوگن مرڪزي ڪردار نڀايو هو، ان جي ڪهاڻي سچ ثابت ٿي وئي جڏهن ته اترپرديش جي ديوريا ضلعي ۾ هڪ شخص پنهنجي زال کي هن جي بواءِ فريند سان ٻيهر ملڻ ۾ مدد ڪئي ۽ هن سان شادي ڪرائي ڇڏي.
فلم جي پلاٽ ۽ ان ڪهاڻي ۾ رڳو ايترو فرق هو جو عورت پنهنجي عاشق سان وڃڻ جي چونڊ ڪئي جڏهن ته فلم ۾ ايشوريا پنهنجي مڙس اجي سان گڏ رهڻ کي ترجيح ڏيندي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب ان جوڙي جي شادي گذريل سال ٿي هئي، مڙس کي ٿوري خبر پئي ته هن جي زال بهار سان واسطو رکندڙ هڪ شخص کي پسند ڪندي هئي.
اها ڳالهه ان وقت وڌيڪ کُلي سامهون آئي جڏهن عورت جو عاشق آڪاش شاهه عورتن جي ساهرين پنهنجي محبوبا سان ملڻ پهتو، مقامي ماڻهن کي معاملي جي خبر پئي ته هنن آڪاش کي پڪڙي ورتو ۽ کيس مارڪٽ ڪئي.
ان کان پوءِ آڪاش ٻڌايو ته هن جو عورت سان شادي کان اڳ رشتو رهيو ۽ هو عورت کي وساري نٿو سگھي، ان ڪري هن ملاقات جو فيصلو ڪيو پر، معاملن غير امڪاني رخ اختيار ڪري ورتو، جڏهن عورت جي مڙس غير معمولي ردعمل ڏنو ۽ ٻنهي جي شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
پوليس ٻڌايو ته زال پنهنجي مڙس کي اپيل ڪئي ته هن کي سندس عاشق سان گڏ وڃڻ ڏنو وڃي جنهن تي مڙس راضپو ظاهر ڪندي هنن جي شادي ڪرائي ڇڏي.
ٻنهي خاندانن کان راضپو حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهو شخص پنهنجي زال ۽ هن جي بواءِ فرينڊ کي هڪ مندر ۾ وٺي ويو ۽ سندن شادي ڪرائي ڇڏي، پوءِ هن انهن کي انهيءَ موٽرسائيڪل تي روانو ڪري ڇڏيو جنهن تي عاشق آيو هو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version