ھالا رپورٽ
سجاد اوڏ
مٽياري ضلعي ۾ معذور ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف هالا پريس ڪلب هالا آڏو احتجاج

سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت معذورن جا انٽرويو نہ ٿيڻ خلاف ايڪشن ڪميٽي ضلعي مٽياري جي سڏ تي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس هالا کان پريس ڪلب تائين معروف سماجي شخصيت سلمان علي لغاري، صاحب ڏنو ورياھ، رشيد ڏيٿو، ٻين جي اڳواڻي ۾ معذورن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي معذورن جو چوڻ هو تہ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سموري سنڌ ۾ معذورن جا انٽرويو ٿي چڪا آهن ۽ ڪافي ضلعن ۾ معذورن کي نوڪرين جا آفر آڊر پڻ ڏنا ويا آهن پر بدقسمتي سان مٽياري ضلعي ۾ اڄ تائين معذورن جا انٽرويو نہ ٿي سگهيا آهن جنهن سبب مهانگائي ۽ بيروزگاري جي هن مشڪل دور ۾ اسان شديد پريشان آهيون ان موقعي تي سموري سنڌ ۾ معذورن جي لاءِ ڪم ڪندڙ معروف سماجي شخصيت سلمان علي لغاري جو چوڻ هو تہ اسان معذورن جا انٽرويو نہ ٿيڻ خلاف ڪيترائي ڀيرا ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سان ملاقاتون ڪري چڪا آهيون مگر ڊي سي صاحب جو چوڻ آهي تہ سروسز ڊپارٽمينٽ جو ڪو بہ نمائندو انٽرويوز ڪرڻ لاءِ ٽائيم ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي بقول ڊي سي صاحب جي تہ اسان ٻہ ڀيرا سروسز ڊپارٽمينٽ وارن کي ليٽر پڻ لکي چڪا آهيون مگر اڄ تائين ڪو جواب نہ مليو آهي جنهن سبب ڪورم پورو نہ هئڻ جي ڪري اسان انٽرويو نہ پيا ڪري سگهون سلمان علي لغاري جو وڌيڪ چوڻ هو تہ آئون پاڻ سروسز ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري کي خط لکي چڪو آهيان مگر مونکي به سروسز ڊپارٽمينٽ طرفان ڪو جواب نہ مليو آهي هن چيو تہ اسان جي سڀ کان وڏي بدقسمتي هي آهي تہ اسان جي ملڪ ۾ معذورن جا حق بہ غضب ڪيا وڃن ٿا معذورن سان بہ انصاف نہ پيو ڪيو وڃي ڪيترائي ڀيرا شازيہ عطا مري صاحبہ ،وزير اعظم پاڪستان ، صدر پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي درخواستون لکي چڪا آهيون تہ معذورن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ بيت المال مان زڪوات جا پئسا جاري ڪيا وڃن ليڪن ان جي باوجود بہ معذورن کي هٿ وٺي پنڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ڪو بہ ادارو معذورن کي حق حلال ۽ عزت جو روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي انڪري اسان مجبورن اڄ معذورن سان گڏ روڊ تي نڪتا آهيون ۽ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون تہ هنن کي پنهنجا حق فراهم ڪيا وڃن.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version