رپورٽ: پرويز حسين ڀنڊ
خانواهڻ سھارا عظيم فائونڊيشن طرفان يوسي خانواهڻ، يوسي ديھات، ۽ آس پاس جي مختلف ڳوٺن جي معذورن ۽ نابين ماڻھن ۾ سامان تقسيم ڪيو ويو۔
خبر موجب۔ يوسي خانواهڻ، يوسي ديھات ۽ پسگردائي جي مختلف ڳوٺن جي نابين ۽ معذور عورتن، ٻارڙن، توڙي مردن ۾ سھارا عظيم فائونڊيشن طرفان سامان ورھايو ويو، ان موقعي تي سھارا عظيم فائونڊيشن جي سي او ماجد عظيم ڪونڌر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان انسانيت جو فرض نڀائيندي يوسي خانواهڻ ۽ يوسي ديھات جي آس پاس جي مختلف ڳوٺن جي معذورن ۽ نابينن ۾ آيل سامان تقسيم ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله اڳتي بہ ھر متاثر ۽ مستحق ماڻھن جي هر ممڪن مدد ڪندا رهنداسين۔ جڏهن ته سھارا عظيم فائونڊيشن جي ٽيم مولائي اشفاق ڪونڌر، غلام اصغر هليو، پرويز حسين ڀنڊ، آفتاب ملاح ۽ ٻين انھي نيڪ ڪم ۾ هٿ ونڊرايو ۽ انسانيت جو درد رکي معذورن جي خدمت ڪئي،

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version