ٽوئيٽر اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سبسڪرپشن سروس ٽوئيٽر بليو استعمال ڪرڻ وارن واهپيدار ئي ٽيڪسٽ ميسجز ( ايس ايم ايس ) کي ٽو فيڪٽر authentication  ( 2 ايف اي ) لاءِ استعمال ڪري سگهندا.

ڪمپني طرفان هڪ ٽوئيٽ ذريعي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ويهه مارچ کانپوءِ ٽوئيٽر بليو وارن واهيپدارن لاءِ ئي اِها سهولت موجود هوندي

2 ايف اي بنيادي طور اڪائونٽس کي محفوط بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ وارو فيچر آهي

ٽوئيٽر جا عام واهپيدار 20 مارچ کانپوءِ ٽو ايف اي کي ايس ايم ايس ذريعي استعمال نه ڪري سگهندا ۽ جن اڪائونٽن۾  ٽيڪسٽ ميسج ٽو ايف اي کي اِن ايبل ٿيل آهي، انهن ۾ اِها سروس ڊِس ايبل ٿي ويندي، سولن لفظن ۾ ڪمپني هاڻي ٽو ايف اي کي به پئسن ڪمائڻ جو ذريعو بڻائڻ چاهي ٿي

ٽو ايف اي کي استعمال ڪرڻ وارن واهپيدارن کي اڪائونٽ تي لاگ اِن ٿيڻ لاءِ پاسورڊ سان گڏوگڏ ايس ايم ايس، authentication  ايپ يا ڪنهن سيڪيورٽي ”ڪي“ کي استعمال ڪرڻو پوندو آهي

ٽوئيٽر جو خيال آهي ته فون نمبر تي ٻڌل ٽو ايف اي کي هيڪرن طرفان استعمال ڪرڻ جو خدشو آهي

ٽوئيٽر مالڪ ايلون مسڪ به ان حوالي سان هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڪمپني جي پاليسي ۾ ڦيرڦار ڪئي پئي وڃي، ڇو جو ٽوئيٽر کي اسڪيم ايس ايم ايس سبب هر سال ڇهه ڪروڙ ڊالرز جو نقصان ٿي رهيو آهي

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version