نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي هڪ اسڪول جي وڊيو سوشل ميڊيا تي سامهون آئي آهي جنهن عورت ٽيچر انسانيت جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب جمعي جي ڏينهن منظر عام تي آيل ان وڊيو ۾ ڀارت جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري رياست اتر پرديش جي هڪ اسڪول ۾ ترپتا تياگي نالي ٽيچر کي ڏيکاريو ويو آهي جيڪا شاگردن کي 7 ورهين جي ٻار محمد التمش کي چماٽ هڻڻ جو چئي رهي آهي.

وڊيو ۾ ٽيچر چوي ٿي ته آئون چئي ڇڏيو جيترا به مسلمان بچيا آهن اهي هتان هليا وڃن.

وڊيو ۾ ڪيمرا جي پٺيان هڪ مرد جو به آواز اچي ٿو جيڪو ٽيچر جي ڳالهه سان متفق آهي ۽ چوي ٿو ته ان سان تعليم خراب ٿي رهي آهي.

شاگردن طرفان ساٿي شاگرد التمش کي مارڻ تي ترپتا تياگي انهن کي وڌيڪ زور سان مارڻ جو مشورو ڏئي ٿي، ڀارتي ميڊيا موجب اها وڊيو پوليس کي ملي چڪي آهي.

ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ ڇوڪرو مسلمان آهي، عورت ٽيچر ميٿس (رياضي) جي ٽيبل نه سکڻ تي ڪلاس ۾ موجود ٻين شاگردن کي ڇوڪري کي چماٽ هڻڻ جو چيو ۽ ان حوالي سان اسڪول جي پرنسپال سان به ڳالهايو آهي.

ڀارتي پوليس تصديق ڪئي آهي ته عورت ٽيچر تعصباڻا جملا به استعمال ڪيا.

ڀارتي ميڊيا موجب ٻارن جي حقن جي تنظيم طرفان به ٽيچر جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

ٻار جي والدين جو بيان

پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي محمد التمش جي ماءُ روبينا چيو ته جنهن ڏينهن اهو واقعو پيش آيو منهنجو پٽ روئيندو گھر آيو، هو صدمي جهڙي ڪيفيت ۾ هو، ٻار سان اهڙو سلوڪ ناهي ڪبو.

ٻار جي پيءُ محمد ارشاد چيو ته ٽيچر ڪلاس جي ٻارن کي منهنجي پٽ کي هڪ هڪ ڪري مارڻ جو چيو، ٽيچر اهو چئي پنهنجي فعل جو جواز پيش ڪيو ته منهنجي پٽ سبق ياد ناهي ڪيو.

محمد ارشاد جو چوڻ هو ته منهنجو پٽ پڙهائي ۾ سٺو آهي، هو ٽيوشن وٺندو آهي، اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ٽيچر هن سان اهڙو سلوڪ ڇو ڪيو، ائين لڳي ٿو ته ٽيچر جي اندر نفرت ڀريل آهي.

ارشاد چيو ته هن جي پٽ سان اڻوڻدڙ ورتاءَ ملڪ ۾ مسلمانن خلاف پکيڙيل نفرت جو نتيجو آهي جنهن جو مثال وڊيو ۾ استاد جي چيل جملن مان ملي ٿو.

پوليس سوشل ميڊيا واهپيدارن کي وڊيو شيئر نه ڪرڻ جو چيو آهي جنهن کان پوءِ مختلف واهپيدارن ان کي پنهنجن اڪائونٽس تان ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ارشاد چيو ته جيتوڻيڪ استاد ان غلطي کي تسليم ڪيو ۽ ان رويي لاءِ معافي ورتي پر اهو اُهو ماحول ناهي جتي آئون چاهيان ٿو ته منهنجو پٽ تعليم هاصل ڪري ۽ ان ۾ وڏو ٿئي، ان ڪري آئون هاڻ پٽ جو اسڪول تبديل ڪري ڇڏيندس.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version