ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مراڪش ۾ آيل زلزلي بعد متاثر علائقن ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان شادي ۽ ٻئي استحصال جي قسمن جون صلاحون ڏيندڙ مردن طرفان آن لائن پوسٽ ڪيل پيغامن کانپوءِ عورتن جي تنظيمن پاران نوٽيس ورتو ويو آهي.

هلندڙ هفتي مراڪش جي شهر ايراچيڊيا مان هڪ شخص کي ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شادي کي هٿي ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ ايندڙ زلزلي بعد استحصال جي ٻين قسمن جي الزامن م گرفتار ڪيو ويو هو.

سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ هڪ بالغ شخص 10 سالن جي هڪ نوجوان ناري سان بيٺو آهي.

ان تصوير جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته هو مون سان ڪاسابلانڪا نٿي اچڻ چاهي پر هن ڪن ۾ چيو ته مان وڏي ٿي توسان شادي ڪنديس.

فيس بڪ تي هڪ ٻئي پيج شهر جي ڇوڪرين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اوهان ڪنهن اهڙي ڇوڪري سان شادي ڇو ڪندا جيڪا اڃا سوڙها ڪپڙا پائڻ چاهي ٿي، پيسا خرچ ڪرڻ چاهي ٿي، ٻارن جي غلط پرورش ڪرڻ چاهي ٿي.

پوسٽ ۾ مردن تي زور ڏنو ويو هو ته هو انهن ڇوڪرين سان شادي ڪن جيڪي ڪجهه نٿيون گهرن.

مراڪش جي هڪ ڪارڪن ياسمينا بينسليماني چيو ته مرد انهن ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ جي وڪالت ڪري رهيا آهن کڻي اهي ننڍي عمر جون ڇو نه هجن.

مراڪش ۾ زلزلي بعد امڪاني طور تي جبري شادين، اسمگلنگ ۽ نوجوان نارين تي جنسي حملن جا خدشا آهن.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version