ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل غير معمولي واڌ ٿي رهي آهي ۽ سون ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار رپين جي وڏي واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 80 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 572 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 40 هزار 826 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 30 ڊالر واڌ کانپوءِ 2712 ڊالر في اونس آهي.