ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
وفاقي حڪومت پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته اسحاق ڊار کي اهو اعزازي عهدو ڏنو ويو آهي، هو ڊپٽي وزيراعظم جا اختيار استعمال ناهي ڪندو.
ٻڌڻي دوران چيف جستس سوال ڪيو ته ان ئي نوعيت جو جيڪو اڳ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ان تي عدالتن جا ڪهڙا فيصلا هئا؟ 2012 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري خلاف ڪهڙو فيصلو ڏنو هو؟
عدالت لاڳاپيل اختيارين کي ان ڪيس سان جڙيل سمورو جڊيشل رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
اسحاق ڊار وٽ ڊپٽي وزيراعظم جو عهدو اعزازي آهي: وفاقي حڪومت جو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب
Previous Articleچولستان ڪينال تي سنڌ جا سخت اعتراض آھن:سسئي پليجو
Next Article سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ