ڪراچي ( رپورٽر)سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ صحافين طرفان  ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڏياري ملهائي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا، ڪراچي پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جي ميمبر شمس ڪيريو، روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ۽کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ،ڊاڪٽر جبار خٽڪ، روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر ۽ ترقي پسند صحافي يونس مهر، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي صدر طاهر حسن خان، اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، قومي اسيمبلي جي ميمبر مھتاب اڪبر راشدي، صحافي مهيش  ڪمار، ايڊووڪيٽ علي پلهه ،ڊاڪٽر ڪريم خواجه، امتياز فاران ۽ ٻين مهمانن ڏياري جو گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ ڏيئا ٻاريا، ان موقعي تي ۾ شريڪ ٿيندڙن سنڌ سميت سموري دنيا ۾ آباد سڀني هندو ڀائرن کي ڏياري جون واڌايون ڏيندي چيو ته اڄ ڏياري جي ڏڻ تي اسان کي پنهنجو ننڍپڻ  ياد اچي رهيو آهي ته ڏياري جي رات جو اسان ڪوٺي جي ڀتين تي تي  ڏيئا ٻاريندا هئاسين ۽ مسلم ڦٽاڪن جي عيد تي پاڙيسري هندن لاءِ کاڌا موڪليندا هئاسين ۽  هڪ ٻئي جا ڏهاڙا گڏجي ملهائيندا هئا سين. هنن وڌيڪ چيو ته هاڻي هندو ڀائرن سان لکين مسلمان ڀائر به گڏجي هولي ۽ ڏياري ملهائي رهيا آهن، ان سان سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ سهپ جو ماحول پختو ٿيندو. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عمر ڪوٽ ۾ پوليس هٿان قتل ٿيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، سنڌ ۾ هندن جي نينگرين جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائيندڙن کي گرفتار ڪري 18 سالن کان گهٽ عمر جي شادين تي پابندي تي عمل ڪيو وڃي، ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن مان هندن کي لڏائڻ واري عمل جي روڪٿام ڪري هندو ۽ مسلم شهرين کي بدامني، ڦرين ۽ اغوائن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version