ڪراچي (پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ نصيرآباد ۾ گذريل رات ايس يو پي ڪارڪن ڊاڪٽر نويد ساگر ڪانڌڙو ۽ ڪيبل آپريٽر واجد چانڊيو کي هٿيارن جي زور تي جبري گمشدگي جو نشانو بڻائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته جيڪڏهن نويد ساگر ڪانڌڙو ۽ واجد چانڊيو تي ڪنهن ڏوھ جو شڪ آهي ته پوءِ  انهن خلاف الزام واضع ڪري کين بنا ڪنهن دير جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪارڪنن جي سياسي وابستگي ۽ سڃاڻپ جي بنياد تي سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جمهوريت جي روح جي خلاف آهي، جبري گمشدگي آئين کان مٿاھون قدم ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران اهڙو عمل ڪارڪنن کي جمهوري سياسي عمل کان خوفزده ڪرڻ جي برابر آهي،ٻئي طرف سيد زين شاھ ڏياري جي موقعي ھندو ڀائرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڏياري جي موقعي تي اسان هندو ڀائرن جي خوشي ۾ انهن سان گڏ آهيون.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version