ڪراچي (رپورٽ:ماريا اسماعيل)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو ۾ درسي ڪتابن جي مد ۾ مبينا طور تي اربين رپين جي ڪرپشن وارو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت ۾ تعليم کاتي وارو سيڪريٽري ، چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پيش ٿيا،عدالت چيو ته جيڪي به اوهان پروجيڪٽ کوليا آهن انهن جا نالا تفصيل ڏيو، تعليم کاتي جي سيڪريٽري چيو ته ورلڊ بئنڪ  پاران 154ملين ڊالرز ڏنا ويا آهن،يورپي يونين ،وفاقي حڪومت ،ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ به گرانٽ ڏني آهي،عدالت چيو ته هي اربين ڊالرن جا فنڊ اچن ٿا ڪيڏانهن ٿا وڃن؟ اوهين پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن کي ڊفينس ۾ وڃي پئسا پهچايو ٿا،جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سنڌ ۾ بلين ڊالرز اچي رهيا آهن اوهان ڪهڙو منفرد ڪم ڪري رهيا آهيو؟ جسٽس امجد علي سهتو چيو ته اربين ڊالر اوهان کي ملي رهيا آهن پر ڪوبه لائحه عمل نه آهي .تعليم کاتي جي سيڪريٽري چيو ته جائيڪا 2.2بلين رپيا ڏنا آهن .جيڪي ان پراجيڪٽ جا آهن .جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جاپان اگر سنڌ ۾ اسڪول ٺاهي رهيو آهي ته اهو ڏسڻ جي قابل هوندو، اسان کي ان جو وزٽ ڪرڻ گهرجي .سيڪريٽري چيو ته يونيسيف 480ملين رپيا تعليم لاءِ ڏنا آهن .جسٽس امجد علي سهتو چيو اوهان کي سڪون جي ننڊ ڪيئن اچي ٿي؟سنڌ ۾ ايتري فنڊنگ ٿي رهي آهي پوءِ به ڪو ڪم ٿيندي نظر نه پيو اچي جسٽس امجد علي سهتو چيو ته ڪڏهن سنڌ جي ٻارکان ٻڌو آهي ته اسان کي 3500 رپيا مليا آهن،جڏهن ڪو ڪتاب ڪنهن اداري کان چيڪ ڪري سرٽيفائيڊ نٿو ڪرايو وڃي ته اهو بهتر ٿيڻ جي گارنٽي ڪهڙي آهي؟  عدالت ايم آءِ ٽي کان ضلعي سيشن ججز جي رپورٽ طلب ڪري ورتي،عدالت چيو ته هتي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ 76مشينون آهن سڀ خراب آهن هي ڪم ڪن ها ته هي ڪم مفت ۾ ٿئي ها،عدالت چيو ته هي آهي تعليم کاتي جو حال، جيڪي منصوبا آهن ٻاهران فنڊ اچن ٿا جاپان ڪينڊا ، يا سنڌ حڪومت جو فنڊ هو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟عدالت چيو ته اوهان جا ڊي اي او ، ڊائريڪٽر ، سيڪريٽري ڇا ڪري رهيا آهن؟ ڪيترا منصوبا هلي رهيا آهن؟عدالت چيو ته دنيا اسان کي موهن جي دڙي سان ملائي ٿي،عدالت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي وڪيل کي چيو ته هنن جيڪو ڏوھ ڪيو آهي اهو بعد ۾ ڏسون ٿا اوهان پنجاب جو سليبس گهرايو ٿا انهي ڪري هتي شاگرد ايم ڊي ڪيٽ ۾ فيل ٿيندا آهن .عدالت چيو 76 بلين مليا آهن هو ڪٿي آهن ڪٿي خرچ ٿيا آهن اهي اسان جي کيسن مان وڃن ٿا ،عدالت چيو ته حيرت جي ڳالھ آهي هتي صحت کاتي ۾ 9 هزار ڊائلسز مشينون آهن اتي هڪ سنگل ٽيڪنيشن ناهي.درخواست گذار  اشفاق علي پنهور ايڊووڪيٽ چيو ته هن سال ڪتابن جو بجيٽ وڌيڪ رکيو ويو آهي ان جي باوجودِ سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتاب نه آهن ،هن سال اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي، اهڙي پرنٽنگ پريس کي ٺيڪو ڏنو ويو جنهن وٽ مشين به ناهي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version