ڪراچي(رپورٽر) سنڌ رواداري ڪميٽي پاران 13 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ رٿيل سنڌ رواداري مارچ جي سلسلي ۾ سياسي سماجي  اڳواڻن کي دعوتن جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ سنڌو نواز گهانگهرو، پنهل ساريو، حمز علي چانڊيو، عرفان عالماڻي, جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو، ناليواري راڳي بيدل مسرور، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ رمضان ميمڻ، شاهينه رمضان کي رواداري مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ صدين کان روادار ۽ امن جي ڌرتي رهي آهي، سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انتهاپسندي جي خلاف ۽ امن جي جاکوڙ لاءِ جدوجهد جاري رهندي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version