دبئي (ويب ڊيسڪ)دبئي ۾ سنڌي ايسوسئشن آف يو اي اي جي ليڊيز ونگ جي اليڪشن ٿي گذري جنھن ۾ شازيه بلوچ چيف آرگنائيز، مرڪ الاھي بڪڪ ڊپٽي چيف آرگنائيز ۽ برکا رميش ڪولھي آرگنائيز چونڊجي ويون.

 سنڌي ايسوسئشن آف يو اي اي جي ڊپٽي چيف آرگنائيز مرڪ الاھي بڪڪ چيو آھي ته پنھنجي ماروئڙن لاءِ اسان جي جدوجهد سنڌ ۾ به ھئي ۽ يو اي اي ۾ به سنڌي ايسوسئشن آف يو اي اي جي پليٽ فارم تان سنڌ عورتن جي خدمت لاءِ ھر وقت تيار آھيون.

هن چيو ته سنڌ ۾ مھانگائي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي جيڪي عورتون يو اي اي ۾ آيل آھن انھن جي روزگار ۽ رھائش ۽ ٻين سھولتن جي لاءِ  ڪوشش جاري آھي ۽ سنڌ ۾ غريب بي سھارا عورتن لاءِ به يو اي اي ۾ انھن جي مدد لاءِ ڪوشش ڪبي.

سندس چوڻ هو ته تعليم ۽ مختلف قسم جي ھنر خاص ڪر عورتن جي ڀرت جي ڪم لاءِ ڪوشش آهي ته انھن کي انھن جي محنت جو اجورو انھن جي محنت مطابق ڏياريو وڃي.

مرڪ الاھي بڪڪ چيو ته سنڌي عورتن جي روزگار، ڪاروبار توڙي انھن جي هر ممڪن مدد لاءِ سنڌي ايسوسئشن آف يو اي اي ليڊيز ونگ ھر وقت تيار آھي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version