اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مان ملڪ جو خادم ۽ پاڪ فوج جي سپهه سالار سان گڏجي خدمت ڪري رهيو آهيان.
اسلام آباد ۾ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ادارا پنهنجي دائرن ۾ رهي خدمت نه ڪندا ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندا.
هن چيو ته جنهن شخص پاڪستان کي ورهايو، ان جي مجسمن سان بنگلاديش ۾ ڇا ٿيو آهي؟ وڌيڪ نه چوندس ته هڪ چوڻي آهي ته ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 70 هزار پاڪستانين جانيون ڏنيون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ زندگي جي هر شعبي جي فرد حصو وڌو، دهشتگردي جو خاتمو ٿي چڪو هو پر ڪجهه غلطين سبب ٻيهر اچي وئي.
شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، اسان جي معيشت کي 150 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو پر دنيا رڳو 20 ارب ڊالر ڏنا.
دهشتگردي جو خاتمو ٿي چڪو هو پر ڪجهه غلطين سبب ٻيهر اچي وئي: وزيراعظم
Next Article پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لاڳو