لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي هاڻ نه پر ڪيسن جو فيصلو ٿيڻ تي گرفتار ڪيو وڃي، حڪومت ان سان هڪ دهشتگرد جيان منهن ڏئي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته زمان پارڪ وارا منظر 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن نظر نه آيا، سياسي ۽ جمهوري جماعتن ته مقصد لاءِ جيل، جلا وطني ۽ ڦاهيون قبول ڪيون، انهن پوليس ۽ رياست تي حملو ڪيو، اها رياست خلاف سرعام بغاوت آهي، 2014 کان ائين ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته جسٽس کوسا نواز شريف کي جهڙن لفظن سان سڏيو، ڏسو ته گاڊ فادر ۽ سيسلين مافيا ڪير آهي ۽ ڪيئن هوندي آهي، اڄ به انهن جي باقيات موجود آهي ۽ سهولتڪاري ڪري رهي آهي، رياست  پڪڙڻ چاهي ته 5 منٽن ۾ پڪڙي سگهي ٿي پر رتوڇاڻ نٿي چاهي.

سندس چوڻ هو ته هي قانون کان ايترو ڀڄي رهيو آهي جو کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، هي شخص شروع کان رياست تي حملا ڪري رهيو آهي، ڇا ٽيريان وارو ڪير ڪوڙو آهي؟ هي ڪنهن کي بي وقوف بڻائي رهيو آهي.

مريم نواز چيو منهنجي خيال ۾ کيس في الحال گرفتار نه ڪيو وڃي پر ڪيس هلايا وڃن، ان کان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي انڊر ٽيڪنگ ورتي وڃي ته هر پيشي تي کيس پيش ٿيڻو پوندو، جڏهن ڪيسن جو فيصلو ٿي وڃي ته پوءِ کيس گرفتار ڪيو وڃي.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته اڄ وري گرفتاري وارنٽ معطل ٿي ويا، عدالتن کي چونديس ته انصاف ڪن، جيڪڏهن حڪمن تي عمل نه ٿيڻ باوجود عدالتون چپ رهنديون ته سوال اٿندا ۽ اٿي رهيا آهن، حڪومت کي گهرجي ته انهن سان سياسي جماعت جيان نه پر دهشتگرد ڪالعدم جماعتن جيان ڊيل ڪري

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version