لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ حجاب پهريندڙ عورتن کي ساراهڻ لاءِ دنيا جو پهريون حجابي مجسمو تيار ڪيو ويو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو مجسمو برطانيا جي ٻين وڏي شهر برمنگهم جي ويسٽ مڊلينڊز جي علائقي سمٿ وڪ ۾ رکيو ويندو جنهن جي باقاعدا نقاب ڪشائي ايندڙ مهيني ڪئي ويندي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو حجابي مجسمو دنيا جو پهريون مجسمو آهي جنهن جي ذريعي حجاب پهريندڙ مسلمان عورتن کي ساراهيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب اهو مجسمو اسٽيل مان تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي آرٽسٽ ليوڪ پيري ڊزائين ڪيو، مجسمو 5 ميٽر ڊگھو ۽ هڪ ٽن وزني آهي، ان آرٽ جي نموني کي ”اسٽرينٿ آف حجاب“ يعني حجاب جي طاقت جو نالو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ان مجسمي تي هڪ جملو به لکيو ويو آهي ته ”اهو عورت جو حق آهي ته هوءَ جيڪو به پهرڻ جي چونڊ ڪري ان کي پيار ۽ عزت ڏني وڃي“.
مجسمو ٺاهيندڙ آرٽسٽ ليوڪ پيري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”حجاب جي طاقت“ هڪ اهڙو مجسمو آهي جيڪو انهن عورتن جي نمائندگي ڪري ٿو جيڪي اسلامي عقيدي موجب حجاب ڪن ٿيون ۽ اهو ان ڪري به ضروري آهي ڇو جو اهو اسان جي ڪميونٽي جو هڪ گھٽ نمائندگي وارو پر اهم حصو آهي.
هن چيو ته هن اهو جسمو مسلمان عورت سان گڏجي تيار ڪيو آهي.
ليوڪ پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي چيو ته اهو مجسمو تڪرار جو سبب به بڻجي سگھي ٿو پر برطانيا ۾ رهندڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪرڻ به ضروري آهي.
ان کانسواءِ آرٽسٽ ماضي ۾ به بليڪ برٽش هسٽري جو مجسمو ڊزائين ڪري چڪو آهي جيڪو هلندڙ سال مئي ۾ ونسن گرين جي علائقي ۾ لڳايو ويو هو.
حجاب پهريندڙ عورتن کي ساراهڻ لاءِ دنيا جو پهريون حجابي مجسمو تيار
Previous Articleايئرپورٽ تان ڀولڙن جون سوين کوپڙيون پڪڙڻ جو انڪشاف