لاهور (ويب ڊيسڪ) بجلي بلن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ٻه سيپٽمبر ڇنڇر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ظالماڻي فيصلي خلاف ڪراچي کان چترال تائين عوام روڊن تي نڪرندو، اهڙا فيصلا برداشت جوڳا ناهن.
جماعت اسلامي جي ترجمان ٻڌايو ته سراج الحق اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس طلب ڪيو، جنهن ۾ مرڪزي ليڊر شپ ۽ صوبائي اڳواڻ شريڪ ٿيا.
سندس موجب اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، مهانگائي خلاف جاري تحريڪ ۾ وڌيڪ تيزيءَ تي مشاورت ٿي، بجلي بلن ۾ واڌ تي اسلام آباد ۾ احتجاجي ڌرڻي تي به غور ڪيو ويو.
ترجمان چيو ته جماعت اسلامي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version