اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  سپريم ڪورٽ جي سينيئر جسٽس سردار طارق مسعود عدالت جي جج مظاهر علي نقوي خلاف شڪايتن جو  جائزو وٺڻ بعد پنهنجي راءِ جڊيشل ڪائونسل کي اماڻي ڇڏي آهي.

نامياري صحافي عبدالقيوم صديقي جو چوڻ آهي ته جسٽس سردار طارق مسعود جڊيشل  ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت  سان پنهنجي راءِ ڏني آهي. هاڻي جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس سڏايو ويندو. جنهن ۾ جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف  شڪايت تي حتمي فيصلو  ڪندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ  جڊيشل ڪائونسل جو ميمبر آهي جيڪو 2 آڪٽوبر تي رٽائر ٿي رهيو آهي. ڏسڻو آهي ته جڊيشل ڪائونسل جو 2 آڪٽوبر کان اڳ اجلاس سڏايو وڃي ٿو يا 2  آڪٽوبر کانپوءِ سڏايو وڃي ٿو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version