لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۾ هڪ حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي جاڙين ڀينرن هڪ ئي وقت هڪ ئي هنڌ ٻار ڄڻيا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب ٻنهي ڀينرن جا نالا گيليان گوگس ۽ نيڪول پيٽريڪوڪاس آهن ۽ ٻئي جاڙيون آهن. ايتري تائين جو ٻئي هڪ ئي وقت ڳورهاريون به ٿيون هيون.
گيليان 22 آگسٽ تي صبح جو 12 وڳي پنهنجي پٽ کي جنم ڏنو ۽ رڳو پنجن ڪلاڪن بعد سندس ڀاڻيجو ڄائو يعني نيڪول کي پٽ ڄائو. گيليان ميڊيا نمائيندن کي ٻڌايو ته ڪجهه به هجي هڪ ئي وقت لاءِ اوهان اهڙي منصوبابندي نٿا ڪري سگھو.
هن اهو به چيو ته اسان ٻنهي ڀينرن زندگي ۾ جيڪو به ڪيو سدائين گڏ ڪيو آهي تنهنڪري اهو واقعو به ان جو هڪ مثال آهي جڏهن ته ٻنهي ٻارن جي پيدائش هڪ ئي ڊاڪٽر جوزف سگروئي ڪئي.
ڊاڪٽر جو واقعي جي حوالي سان چوڻ هو ته اها ڪا عالم ڳالهه ناهي. جاڙين ڀينرن لاءِ به هڪ ئي وقت يا هڪ ئي ڏينهن جنم ڏيڻ عام ڳالهه ناهي. وڌيڪ اهو ته ٻنهي ٻارن جو وزن به 3.5 ڪلوگرام هو. ڊاڪٽر اهو به چيو ته اهڙا ٻار حياتياتي ڀائرن جيان هوندا آهن.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version