هالا رپورٽ سجاد اوڏ
هالا جي مخدوم غلام حيدر هاء اسڪول جي مئٽرڪ ڪلاس جي شاگرد گلشن فهيم ڪالوني جي رهواسي عبدالله ميمن سان ٻه ڏينهن اڳ هالا واسي اوباش نوجوان عبدالجبار ولد محمد رمضان ميمن پاران بدفعلي وارو واقعو ، واقعي جي متاثر مئٽرڪ ڪلاس جي شاگرد عبدالله ميمن پاران جوابدار عبدالجبار جي مٿان هالا ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود جوابدار جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف متاثر شاگرد عبدالله هالا پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ آئون معمول موجب رات جي وقت دڪان تان واپس گهر اچي رهيو هيس ته جوابدار جبار ميمن مون کي بليڪ ميل ڪري مون کي بدفعلي ڪرڻ لاء زور ڀريو انڪار ڪرڻ تي مون مٿان حملو ڪري مون کي زخمي ۽ ڪپڙا ليڙو ليڙون ڪري ڇڏيائين هن ٻڌايو ته جوابدار اٺ مهينا اڳ دوستن جي برٿڊي پارٽي ۾ مون کي نشو پياري منهنجون غلط وڊيوز ڀري مون کي پاڻ ۽ ٻين نامعلوم ساٿين هٿان بدفعلي ڪري يرغمال بنائيندو رهيو آهي هن چيو ته جوابدار وقتن به وقتن مون کي بليڪ ميل ۽ تشدد ڪري مون کان منهنجي مزدوري جا پئسا ۽ گهر جو سامان کپرائي پئسا وٺندو رهي ٿو انڪار ڪرڻ تي وڊيوز وائرل ڪرڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو آهي هن چيو ته آئون واقعي بعد پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ لاء اسڪول نه ٿو وڃي سگهان جوابدار ڌر بااثر هجڻ ڪري منهنجي جان کي خطرو آهي هن آء جي سنڌ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ، ميمن ڪميونٽي جي اڳواڻ اڳوڻي ڊي جي ايف آء اي بشير احمد ميمن ، ايس پي مٽياري ۽ٻين وس وارن کان واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۔

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version