لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ جي وڏن بنگلن ۾روڪ رقم جمع هجڻ جي اطلاعن تي ناڻي وزارت اها دولت بنگلن مان بئنڪن تائين پهچائڻ لاءِ  5 هزار جو نوٽ بند ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي.

نامياري صحافي  معظم فخر جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي فلاڻي وزير جي گهر تي ڇاپو هيترا ارب رپيا هٿ آيا. جهڙيون خبرون ۽ افواهه پکڙجڻ بعد ناڻي وزارت اصولي فيصلو ڪيو آهي ته فوري طور 5 هزار جي نوٽ کي بند ڪيو وڃي جيئن ماڻهو نوٽ تبديل ڪرائڻ لاءِ گهرن ۾ رکيل ڪروڙين رپيا کڻي بئنڪ ۾ اچن.

ان سلسلي ۾هڪ حد مقرر ڪئي ويندي ته 25 کان 50 لک رپيا ته تبديل ڪري روڪ ڏنا ويندا. ان کان مٿي رقم هوندي ته صارف کي اها رقم پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻي پوندي.

ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان قدم سان بئنڪن ۾ اربين رپيا اچي ويندا ۽ بئنڪون ڪاروباري سرگرميون آسانيءَ سان جاري رکي سگهنديون، ان دوران اها به رعايت ڏني ويندي ته ڪنهن صارف کان پڇا نه ڪئي ويندي ته ان اها رقم ڪهڙي ذريعي سان گڏ ڪئي آهي، ٻيو فائدو اهو به ٿيندو ته صارف ٽئڪس جي دائري ۾ به اچي ويندا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 7 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿ

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version