ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن به زبردست تيزي جو رجحان برقرار رهيو ۽ 100 انڊيڪس 1478 پوائنٽون وڌي 85 هزار جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
پي ايس ايڪس ويب سائيٽ موجب صبح تقريبن 10 لڳي 49 منٽن تي 100 انڊيڪس 633 پوائنٽون واڌ سان 84 هزار 164 تي پهچي ويو.
پوءِ منجهند تقريبن 3 لڳي 30 منٽن تي انڊيڪس وڌيڪ بهتري سان 1478 پوائنٽون يا 1.77 سيڪڙو وڌي 85 هزار 10 جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
پر ڪاروبار جي پڄاڻي 100 انڊيڪس 1378 پوائنٽن جي واڌ سان 84 هزار 910 تي ڪئي، جيڪو آخري ڪاروباري ڏينهن 83 هزار 531 تي پهتو هو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version