ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين لاءِ 100 اربن کان وڌيڪ جو هڪ وڏو ۽ اهم منصوبو يلو لائن شروع ڪيو ويو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته يلو لائن 21 ڪلو ميٽر جو ڊگهو روٽ آهي، بسون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلايون وينديون، ڪوشش ڪنداسين ته بسن کي اي وي ۾ ڪنورٽ ڪيون، ان حوالي سان ورلڊ بينڪ سان ڳالهائينداسين.
هن چيو ته وڌيڪ اي وي بسون آڻي رهيا آهيون، اسان جي ڪوشش آهي ته بهتر کان بهتر ٽرانسپورٽ سهولتون فراهم ڪيون، پ پ هر سيڪٽر ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني لاءِ عالمي سطح تي فنڊنگ ٿي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان جي اها وڏي خوبي آهي ته هو ڳالهين جا در بند ناهي ڪندو.
Previous Articleآئيني ترميم ۾ ڪا خرابي ناهي: مراد علي شاهه
Next Article پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند سطح تي پهچي وئي