ملير() گڏاپ ٽائون جي يوسي 4 گلشن حديد جي ڇهن پولنگ تي ٻيهر ڳڻپ ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين رائو صفدر ۽ وائيس چيئرمين مير عباس ٽالپر ڪامياب، جيالن جو جشن, مٺايون کارائي مبارڪون ڏنيون, مخالفن پاران ڌاندلي جا الزام غلط آهن اسان ٻيهر ڳڻپ جي لاءِ درخواست ڏني هئي جنهن تي ٻيهر ڳڻپ بعد اسان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، پيپلز پارٽي اميداوار مي عباس ٽالپر ، خبر موجب گڏاپ ٽائون جي يوسي 4 گلشن حديد جي ڇهن پولنگن تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين رائو صفدر حيات، وائيس چيئرمين مير عباس ٽالپور پاران ڇهن پولنگن تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ اليڪشن ڪميشن ملير ۾ اپيل داخل ڪئي وئي هئي جنهن تي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جا اميدوار رائو صفدر حيات ۽ مير عباس ٽالپور 116 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويا, ٻيهر ڳڻپ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ملير پاران پيپلز پارٽي جي کٽيل اميدوارن جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسي چيئرمين رائو صفدر حيات، وائس چيئرمين مير عباس ٽالپر چيو ته يوسي گلشن حديد تي پهرين به پيپلز پارٽي کٽي هئي هن اليڪشن ۾ به پپلز پارٽي يوسي کٽي آهي مخالف وارا اجائي واويلا ڪري رهيا آهن اسان جي ڪاميابي گلشن حديد جي عوام جي ڪاميابي آهي پيپلز پارٽي گلشن حديد ۾ تاريخي ڪم ڪرايا آهن ان ڪري عوام اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو , فتح حق سچ جي ٿي. جڏھن ته جيالن پاران ڪاميابي تي جشن ملهائص خوشي ۾ جهمريون هڻي رقص ڪري ڪامياب اميدوارن کي مٺائي کارائي مبارڪون ڏنيون

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version