ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مواڇ ڳوٺ جي علائقي موچڪو ۾ ٻارڙي گٽر ۾ ڪِري فوت ٿي وئي.
موچڪو پوليس موجب چئن ورهين جي ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪِري پئي، هوءَ پنهنجي گهر ڀرسان کيڏي رهي هئي ته ان دوران گٽر ۾ ڪِري پئي.
ايڌي رضاڪارن ريسڪيو آپريشن کانپوءِ لاش ڪيو، جيڪو اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي جي موت جي تصديق ڪئي.
پوليس موجب ٻارڙي جي سڃاڻپ عمره بلوچ جي نالي سان ٿي آهي ۽ سندس وارثن ڪارروائي کان روڪيو آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version