ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مئل جانورن جو گوشت وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي، پوليس موجب گوشت هوٽلن ۽ دڪانن تي وڪرو ڪيو ويندو آهي.
ڪراچي ۾ پوليس مئل جانورن جو گوشت وڪرو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن کي ابراهيم حيدري پوليس جمعي خان ڳوٺ مان گرفتار ڪيو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدارن وٽان 356 ڪلو گوشت ۽ رڪشو برآمد ڪيو ويو، جوابدار مئل جانورن جو گوشت هوٽلن، دڪانن تي وڪرو ڪندا هئا.
پوليس موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version