هوائي گدلاڻ سبب ڪراچي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي گدلن ترين شهرن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي اچي ويو.
ڪراچي ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 167 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، گدلن ترين شهرن جي فهرست ۾ لاهور جو ٻيو نمبر آهي، جتي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 154 رڪارڊ ڪيو ويو.
ايئر ڪوالٽي انڊيڪس جو چوڻ آهي ته ماحولياتي گدلاڻ ماپيندڙ انڊيڪس ۾ ڪراچي جو پهريون، جڏهن ته لاهور جو ٻيو نمبر آهي، مٽي جا ذرا، گاڏين، فيڪٽرين جو دونهون هوا ۾ شامل آهي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گدلاڻ سان صحت کي نقصان پهچي سگهي ٿو، ان سان اکين ۾ تڪليف، الرجي ۽ سهڪي جي مريضن کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي.
ماهرن صلاح ڏني آهي ته موٽر سائيڪل سوار هيلمٽ جو لازمي طور استعمال ڪن ۽ اکين کي هر هر ڌوئين، جڏهن ته گهرن جون دريون بند رکيون وڃن

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version