ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس هٿان گرفتار جوابدارن ڪراچي جي شهرين جي نالي تي وڏي انگ ۾ غير قانوني سمون جاري ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
ڪراچي جي شهرين جي نالي تي سمون چمن بارڊر تي پرڏيهي شهرين کي وڪرو ڪيون وينديون آهن، جوابدار شهرين جو آڱوٺو بائيو ميٽرڪ ذريعي حاصل ڪرڻ کانپوءِ مختلف ڪمپنين جون سمون جاري ڪندا هئا.
پوليس ٻڌايو ته شهرين جي نالي تي جاري ٿيندڙ سمون ڦر ڪندڙ گروهه استعمال ڪندا آهن، جنهن سلسلي ۾ رضويا پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو.
پوليس موجب هڪ گرفتار جوابدار جو وڊيو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته پرڏيهي شهرين ڪامران افغاني هڪ سم 1200 رپين ۾ خريد ڪندو هو، هو ڪامران افغاني نالي شخص کي 400 سمون ڏئي چڪو آهي.
جوابدار موجب شهري جي بائيو ميٽرڪ کانپوءِ سم ايشو نه ڪندا هئاسين ۽ چوندا هئاسين ته توهان جي بائيو ميٽرڪ نه پئي اچي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version