ڪراچي ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته ھو ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪن ٿا آدمشماري کي روڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ڊجيٽل آدمشماري خلاف سورنھن ڏينھن واري احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آھي ته سنڌ حڪومت اقتدار ۾ ھوندي به خدشا ظاھر ڪري پئي پي پي حڪومت کي وفاق سان ڳالھائي آدمشماري کي ملتوي ڪرائي سگھي ھن چيو ته بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي آدمشماري ھڪ ڊونگ آھي قانون مطابق آدمشماري ڏھن سالن ۾ ٿيڻ گھرجي پر ھڪ فرمائش تحت آدمشماري پنجن سالن سالن ۾ ڪرائي پئي وڃي اسين ان آدمشماري کي رد ڪيون ٿا ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جا ست ڪروڙ ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ ناھن مراد علي شاھ سنڌ جي ماڻھن سان سچو آھي ته بلاول ڀٽو زرداري کي شھباز شريف وٽ وٺي وڃي ۽ آدمشماري کي ملتوي ڪرائي ھن چيو ته ھن وقت به ٻوڏ کانپوء ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ موجود ناھن ان صورتحال ۾ آدمشماري ڪرائڻ ممڪن ناھي

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version