حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد تعليمي بورڊ جي چيئرمين احمد علي بروهي ٻاهرين ڪلاس جي امتحان جا نتيجا پڌرا نه ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ذميوارين خلاف ڪارروائي ڪندي نتيجا آٽوميشن سسٽم تحت جلد جاري ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
ٻڌايو پيو وڃي ته تعليمي بورڊ جي چيئرمين احمد علي بروهي پاران ٻارهين ڪلاس جا نتيجا آٽوميشن سسٽم تحت جاري ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون هيون، جنهن لاءِ بورڊ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مئنيجر اعجاز احمد خان کي پابند بڻايو ويو هو ته هو وقت سر آٽوميشن سسٽم ذريعي نتيجا جاري ڪري پر بورڊ جي لاڳاپيل عملي هدايتن تي عمل نه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڃا تائين نتيجا اچي نه سگهيا آهن، جنهن سبب اميدوار لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي سميت ٻين يونيورسٽين ۾ داخلائن لاءِ پريشان آهن.
بورڊ جي ذريعن موجب تعليمي بورڊ حيدرآباد جو ڪنٽرولر مسرور احمد زئي ان ضد تي بيٺل آهي ته نتيجا هٿرادو طريقي سان جاري ڪيا وڃن.
اهڙي صورتحال کانپوءِ بورڊ جي چيئرمين احمد علي بروهي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪندي آفيس نوٽ جاري ڪري ڪنٽرولر مسرور احمد زئي جا نتيجا جاري ڪرڻ وارا اختيار معطل ڪري اهي اختيار ڊپٽي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ شاهنواز ڀٽي حوالي ڪيا آهن ته جيئن هو آٽوميشن سسٽم تحت ٻارهين جماعت جي سالياني امتحان 2024ع جي پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر سائنس جنرل گروپ جا نتيجا جلد پڌرا ڪري.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version