ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص ۾ جعلي پوليس مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاهنواز جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ وصول ٿي وئي.
قبر ڪشائي کانپوءِ شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ڊاڪٽر شاهنواز جون 4 پاسيريون ڀڳل هيون، جنهن سان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي سيني جي پوئين حصي تي سخت ضرب لڳائي وئي.
رپورٽ موجب چهري ۽ مٿي جي کل سميت هٿن جا ننهن ۽ پير سڙيل هئا.
شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ميديڪل بورڊ جي 5 رڪني ٽيم جاري ڪئي آهي.
واضح رهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم 16 آڪٽوبر تي ڪيو ويو هو، پوسٽ مارٽم رپورٽ ميديڪل بورڊ جي 5 رڪني ٽيم جاري ڪئي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version