سرحد (ويب ڊيسڪ) سرحد ڀرسان جهانپور شريف جي صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽرياڻي مبينا طور غفلت جو مظاهرو ڪندي ويل لاءِ آيل عورت جي نازڪ عضوي جي رڳ ڪٽي ڇڏي.
پي پي ايڇ آءِ بنيادي صحت مرڪز تي گڻگي واسي مسمات ياسينه شيخ کي وارثن ويل لاءِ آندو، جتي ڊاڪٽرياڻي ۽ مڊوائيف مبينا غفلت جو مظاهرو ڪڪندي ويم دوران عورت جي خاص عضوي جي رڳ ڪٽي ڇڏي جنهن بعد عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻي پاسي عورت جي وارثن الھڏنو ، منير احمد ۽ ٻين احتجاج مظاهرو ڪري الزام هڻندي چيو ته ليڊي ڊاڪٽرياڻي ۽ مڊوائيف نياڻي جو غلط آپريشن ڪري سندس نازڪ عضوي جي رڳ ڪٽي ڇڏي آهي، جنهن سبب هو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version