ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري دعويٰ ڪئي آهي ته ڊالر وڌيڪ 10 کان 15 رپيا سستو ٿيندو ۽ سمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو.
ڪامران ٽيسوري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري ظلم جو مثال سڄي ملڪ ۾ نٿو ملي، ڪراچي کي ڪير ڏسڻ وارو ناهي.
هن چيو ته حڪومت ۽ آرمي چيف معاشي دهشتگردي جي خاتمي جو فيصلو ڪيو آهي، سمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، آرمي چيف سان ملاقات کانپوءِ ڊالر جو اگهه گهٽجڻ شروع ٿيو آهي، ڊالر وڌيڪ 10 کان 15 رپيا سستو ٿيندو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version