ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي هوائي اڏي ويجهو چيني شهرين تي حملي لاءِ استعمال ٿيل ڪار جو پتو پئجي ويو آهي.
چيني شهرين تي آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ استعمال ڪيل ڪار جو رڪارڊ ملي ويو آهي.
جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته حملي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي جنهن جي نالي هئي ان جو نادرا رڪارڊ ملي ويو آهي، گاڏيءَ جا تفصيل چيسز نمبر ذريعي حاصل ٿيا.
جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته نادرا رڪارڊ کي نظر ۾ رکندي جاچ جو دائرو بلوچستان تائين وڌايو ويو آهي.
اختيارين موجب، گاڏي جنهن شخص جي نالي هئي ان جا شناختي دستاويز حاصل ڪري سندس استعمال هيٺ سمن جو رڪارڊ پڻ گڏ ڪيو پيو وڃي.
ياد رهي ته گذريل رات ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني شهرين جي قافلي تي حملو ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن چيني شهرين سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ 17 ڄڻا زخمي ٿي ويا هئا.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version