ملير, پ پ ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو, صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو, ڊي جي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي اصغر علي گهانگهرو ۽ ٻين داتا نگر پهچي جنسي زيادتي بعد قتل ٿيل معصوم نينگري فريحا جي وارٽن وٽ پهچي تعزيت ڪئي , ان موقعي تي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو مقتول نينگري جي والد کي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي پاران مالي سهائتا طور چيڪ ڏنو ۽ قانوني مدد سميت هر طرح جي مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو, ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته معصوم نينگري جي واقعي تي دلي ڏک پهتو آھي اهڙا واقعا معاشري جي لاء هڪ وڏو الميو آھي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاء انتظاميا سان گڏ ھر هڪ شھري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي , هنن چيو ته جوابدار کي سخت کان سخت عبرتناڪ سزا ڏياري ويندي ته جيئن آئنده ڪو به اهڙو عمل ڪرڻ کان پهريان سو دفعا سوچي, هنن چيو ته وحشي صفت جوابدار معاشري لاء ھڪ ناسور آھن جن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ گهرجي, هنن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان وارٽن سان رابطي ۾ آھيون هي واقعو دل کي جهريندڙ ھو هي نياڻي اسانجي نياڻي هئي اسان ان کي پنهنجي نياڻي سمجهون ٿا, صوبائي وزير ساجد جوکيو چيو ته وارٽن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين سندن هر ممڪن مدد ڪنداسين , ان موقعي تي ڊي جي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي اصغر علي گهانگهرو, عبدالصمد چنو, پ پ اڳواڻ امداد جوکيو, ڊاڪٽر عظمت لنڊ, علي محمد گبول , منير بليدي, لالا جاويد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version