ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي جا لاڳاپا ڪجهه سال اڳ سندس زال سان خراب ٿي پيا هئا ته مٿس ميچ فڪسنگ جا الزام پڻ مڙهيا ويا هئا

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جاچ کانپوءِ محمد شامي کي انهن الزامن کان آجو قرار ڏنو هو، پر اڄ به اِهو قصو خبرن جي زينت بڻيل آهي

اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر ايشانت شرما هڪ انٽرويو دوران چيو آهي ته جڏهن محمد شامي خلاف جاچ شروع ٿي ته جاچ ٽيم کائنس پڻ پڇاڳاڇا ڪئي هئي

ن چيو ته منهنجو محمد شامي سان رابطو ٿيو  ۽ هن ان موضوع تي مون سان تفصيل سان شيون شيئر ڪيون هيون.

ايشانت شرما وڌيڪ چيو ته اينٽي ڪرپشن يونٽ اسان سڀني سان رابطو ڪيو هو ۽ پڇيو هو ته محمد شامي ميچ فڪسنگ ڪري سگهي ٿو يا نه؟

سندس چوڻ هو ته هن اينٽي ڪرپشن اختيارين کي ٻڌايو ته کيس محمد شامي جي ذاتي زندگي جي باري ۾ گهڻو ڄاڻ ناهي، پر کيس ٻه سئو سيڪڙو يقين آهي ته هو ائين ( ميچ فڪسنگ ) نٿو ڪري سگهي

واضح رهي ته محمد شامي 61 ٽيسٽ 87 ون ڊي ۽ 23 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪندي 402 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version