ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ايڪس جي بندش جي نوٽيفڪيشن تي يوٽرن وٺي ڇڏيو.
پي ٽي اي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ عدالت کان حڪم نامو واپس وٺڻ يا ترميم جي اپيل ڪئي وئي آهي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر لا پي ٽي اي علي اڪبر سهتو ۽ وڪيل احسن امام حلف ناما جمع ڪرائي ڇڏيا، نظرثاني درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت بندش بابت نوٽيفڪيشن واپس ناهي ورتو، ايڪس جي بندش بابت نوٽيفڪيشن اڃا تائين موجود آهي، نوٽيفڪيشن جي واپسي بابت 12 سيپٽمبر جو بيان غلط فهمي جي بنياد تي جاري ٿيو.
علي اڪبر سهتو موجب ان ئي بئنچ جي روبرو هڪ ٻيو ڪيس به ٻڌڻي هيٺ آهي، ڄاڻايل ڪيس ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي قيام جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي، غلطي سان ٻئي ڪيس ملي ويا ۽ ايڪس جي بندش بابت نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو بيان جاري ٿيو.
ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته ان بيان جا نتيجا اهم ٿي سگهن ٿا، ڄاڻايل بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي، پي ٽي اي جا ڪيترائي ڪيس روز جي بنياد تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيندا آهن، ڪيسن جي دٻاءَ سبب غير ارادي طور تي غلطي ٿي.
عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته پي ٽي اي جي درخواست تي فوري طور ٻڌڻي ڪئي وڃي.
Previous Articleسون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو
Next Article سنڌ ۾ ڄم جي سرٽيفڪيٽ جي فيس ختم ڪرڻ جي منظوري