ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم پاڪستان سُپر ليگ جي اٺين سيزن ۾ مخالف ٽيمن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائيندي چيو آهي ته ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جڏهن شيون پرفيڪٽ هونديون ته ميچ ۾ استعمال ڪندس.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران بابر اعظم چيو ته ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ تمام گهڻو پيار ڏنو، هاڻي پشاور زلمي سان هڪ نئون سفر شروع ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته پي ايس ايل ۾ سڀني ٽيمن سان مقابلو ٿيندو آهي، ڪنهن ٽيم خلاف ميچ جو دٻاءُ ناهي، سڀ ٽيمون سٺيون آهن، جيڪو سٺو کيڏندو اُهو اڳتي ويندي.
پشاور زلمي جي ڪپتان چيو ته پي ايس ايل جي سمورين ٽيمن وٽ معياري بالرز آهن، سٺن بالرن آڏو هڪ رٿابندي تحت کيڏندو آهيان.
بابر اعظم چيو ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جڏهن شيون پرفيڪٽ هونديون ته ميچ ۾ استعمال ڪندس.
هن وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل ذريعي اسان کي هر سال سٺا بالر ۽ بيٽر ملندا آهن، نوجوان رانديگرن وٽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو بهترين موقعو آهي.