پنوعاقل(رپورٽر) پنوعاقل ۾ عوامي آواز جي رپورٽر مٿان تشدد واري واقعي ۾ گرفتار ٿيل ٻھ جوابدار پوليس آزاد ڪري ڇڏيا.

پنوعاقل ۾ عوامي آواز جي رپورٽر راجا رستم انڍڙ ۽ ڪيمرامين انور علي جتوئي کي ڪوريج ڪرڻ تان سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ در محمد ٿھيم ۾ جوابدارن پاران يرغمال بڻائي ھڪ وڏيري جي اوطاق ۾ کڻي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ھو.

واقعي کان پوءِ پنوعاقل ٿاڻي تي صحافين جي احتجاج بعد يرغمال بڻائي تشدد ڪندڙ بااثر امجد ٿھيم سميت 9 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.

جڏهن ته پنوعاقل سٽي پوليس پاران ڪيس ۾ گھربل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي ھئي پر پوليس ٻنھي جوابدارن جي گرفتاري ظاھر ڪرڻ بدران کين ھڪ بااثر جي چوڻ تي آزاد ڪري ڇڏيو آھي.

جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏڻ بابت رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او پنوعاقل ياسر کوسو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ھوڏانھن واقعي جي گرفتار ڪيل جوابدارن کي آزاد ڪرڻ تي قلم ڌڻين ۾ ٻيهر تاءُ پکڙجي ويو آهي ۽ ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس پي سکر عرفان سمون کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version