ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو، جتي 100 انڊيڪس ۾ واڌ ڏٺي وئي.
اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 578 پوائنٽن جي واڌ سان 85 هزار 840 پوائنٽن تي بند ٿيو، ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس هڪ هزار 37 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو.
100 انڊيڪس جي اڄ بلند ترين سطح 85 هزار 893، جڏهن ته گهٽ ترين سطح 84 هزار 856 رهي.
بازار ۾ اڄ 42 ڪروڙ 21 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 24 ارب 46 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رهي، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 64 ارب رپيا وڌي 11 هزار 228 ارب رپيا آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version