ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي جو رجحان جاري آهي ۽ 100 انڊيڪس روز جي بنياد تي نئين سطح پار ڪري رهيو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن شروعات سان ئي هاڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ 100 انڊيڪس 477 پوائنٽون واڌ سان 90 هزار 822 تي پهچي ويو.
ڪاروبار دوران مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تيزي ڏٺي وئي ۽ انڊيڪس 712 پوائنٽون واڌ سان 90 هزار 907 تي وڃي پهتو.
ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1045 پوائنٽن جي واڌ ٿي ۽ انڊيڪس تاريخ جي نئين بلند ترين سطح 91 هزار 240 تي پهچي ويو، جڏهن ته ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 518 پوائنٽون واڌ سان 90 هزار 864 تي بند ٿيو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 908 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، ان اڄ نئين بلند ترين سطح 91 هزار 358 ٺاهي.
بازار ۾ اڄ 60 ڪروڙ شيئرز جا سودا 28 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 36 ارب رپيا واڌ سان 11764 ارب رپيا آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version