ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نگران حڪومت قانوني ذريعن سان ناڻو موڪليندڙ اوورسيز پاڪستانين لاءِ نئين اسڪيم جو اعلان ڪيو آهي.

ناڻي واري نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر اڄ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته حڪومت اسڪيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ 80 ارب رپيا رکيا آهن ۽ ان مد ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي 20 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته حڪومت قانوني ذريعن سان ناڻو موڪلڻ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنج قسمن جي اسڪيمن جو اعلان ڪيو آهي.

ناڻي واري نگران وزير موجب هن اسڪيم تحت 100 ڊالر کان وڌيڪ ناڻو موڪليندڙ کي بنا ڪنهن في جي هتي وصول ڪري سگهبو.

اسڪيم موجب ناڻي ذخيرا موڪليندڙن کي پوائنٽس ڏنا ويندا جن تحت هو ڪيترن ئي سرڪاري ادارن وٽان خدمتون ۽ شيون رعايتي اگهن تي حاصل ڪري سگهندا.

ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته هن اسڪيم موجب حڪومت ايڪسچينج ڪمپنين لاءِ به مراعتون فراهم ڪندي.

هن اسڪيم تحت مالي ادارن طرفان قانوني ذريعن سان ناڻو موڪلڻ جي حوالي سان مارڪيٽنگ جي بدلي مراعتون ڏنيون وينديون.

ناڻي واري نگران وزير جو چون هو ته اسڪيم تحت قانوني ذريعن سان ناڻو موڪليندڙن کي روڪ انعام به ڏنا ويندا.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version