ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن مصطفيٰ جمال شهرين جي سهولت لاءِ آن لائين اپوائنمينٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڊي جي پاسپورٽ اينڊ اميگريشن زونل پاسپورٽ آفيسز کي نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
ڊي جي پاسپورٽس چيو ته شهرين جي سهولت لاءِ آن لائين اپوائنمينٽ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي، ريجنل پاسپورٽ آفيسن ۾ شهرين کي سهولت ڏني وڃي ۽ ايس ايم ايس سروس ذريعي درخواست ڏيندڙن لاءِ اڳواٽ اطلاع جو سسٽم لاڳو ڪيو وڃي.