ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ڪولمبو ۾ پاڪ-ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ آيل ايشا شاهه نالي ڀارتي ناري فاسٽ بالر نسيم شاهه جي ڪارڪردگي سان گڏوگڏ سندس خوبصورتي جي به ديواني بڻجي وئي.

نسيم شاهه جي ڀارتي مداح ايشا شاهه پاڪ-ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ گذريل ڏينهن ڀارت جي شهر ممبئيءَ کان ڪولمبو پهتي، پر ميچ معطل ڪرڻ کانپوءِ ايشا ميڊيا سان ڳالهه ٻول دوران فاسٽ بالر جي واکاڻ ڪندي چيو ته خدا ٺاهيو ته ڇا ٺاهيو، نسيم شاهه ٺاهيو.

ڀارتي ناري جو چوڻ هوته نسيم شاهه تمام گهڻو خوبصورت آهي، سندس ريلز ڀارت ۾ به ٽرينڊ ڪندا آهن، مون کي نٿو لڳي ته ڪنهن جي خوبصورتي جي ساراهه ڪرڻ ڪو گناهه آهي؟، نسيم شاهه سميت پاڪستان جا سمورا رانديگر نه رڳو ڀارت پر سموري دنيا ۾ مشهور آهن.

ايشا شاهه چيو ته هوءَ سڀاڻي ميچ ڏسڻ هڪ ڀيرو وري اسٽيڊيم پهچندي جنهن تي سندس ساٿين صحافي کي درخواست ڪئي ته سندن فاسٽ بالر سان صرف هڪ ملاقات ڪرائي وڃي.

ايشا شاهه جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سموري ٽيم ۾ سٺا رانديگر آهن پر سندس فيورٽ نسيم شاهه آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version