ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون هڪ هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 74 هزار ست سئو رپين جي ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 857 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 35 هزار 511 رپيا آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون نوَ ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه هزار ڇهه سئو ستيتاليهه ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version