ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جا نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 23 آگسٽ تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 10.89 ڪروڙ ڊالر وڌيا، ذخيرا 23 آگسٽ تائين 14.77 ارب ڊالر رهيا.
اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 11.16 ڪروڙ ڊالر واڌ سان 9.40 ارب ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 27 لک ڊالر گهٽجي 5.37 ارب ڊالر رهيا.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version