ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) مصور صفي سومرو پنهنجي پينٽنگ وٺڻ لاءِ فيريئر هال پهچي ويو.
ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي سينيئر ڊائريڪٽر اينڊ اسپورٽس رضا عباس پينٽنگ مصور صفي سومرو جي حوالي ڪندو.
ان ڏس ۾ سينيئر ڊائريڪٽر اينڊ اسپورٽس ڪلچر رضا عباس چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي آرٽسٽ صفي سومرو جي پينٽنگ گم ٿيڻ وارو معاملو اُٿاريو ويو هو.
سندس چوڻ هو ته فيريئر هال مان پينٽنگ جي چوري بابت هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙيون ويون، مصور صفي سومرو کي غلط فهمي ٿي هئي ته سندس پينٽنگ چوري ٿي وئي آهي، سندس پينٽنگ 2017 کان محفوظ رکي وئي هئي.
هن چيو ته اڄ ميڊيا نمائندن جي موجودگيءَ ۾ صفي سومرو جي پينٽنگ سندس حوالي ڪئي ويندي ، ان کانسواءِ کيس جمي انجينيئر طرفان ڏنل ڪيش ايوارڊ پڻ ڏنو ويندو.
واضح رهي ته مصور صفي سومري پاڪستاني ڊرامي ” ڪڀي مين ڪڀي تم“ ۾ پنهنجي پينٽنگز ڏسڻ کانپوءِ الزام مڙهيو هو ته فيريئر هال انتظاميا سندس پينٽنگز وڪرو ڪري ڇڏيون آهن.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version