ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز جي داخلا ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) سميت سمورين ٽيسٽن ۾ شفافيت آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ 6 هفتن ۾ ايم ڊي ڪيٽ امتحان وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 18-2017 کان ورتي پئي وڃي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ورتي ويندي آهي، جڏهن ته تازي امتحان ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.
وڏي وزير چيو ته پيپر ليڪ ٿيڻ رڳو بدنامي ناهي پر ان سان ٻارن جو مستقبل به خراب ٿيندو آهي.
هن ايم ڊي ڪيٽ سميت سمورين ٽيسٽن ۾ شفافيت آڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ 6 هفتن ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
مراد علي شاهه آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ لاءِ 23 ڪروڙ 20 لک رپين جي منظوري ڏني.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version