ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ متان پينگولين کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ غيرقانوني شڪار ڪستوري هرڻ جو ٿيندو هجي.
ڪستوري هرڻ کي ماري ان جي ڪستوري کي حاصل ڪيو وڃي ٿو ڇو ته اها دنيا جي سڀ کان مهانگي خوشبو يا پرفيوم ۾ استعمال ٿيندي آهي.
ان مان تيار ڪيل خوشبو يا پرفيوم يورپ ۽ عرب ملڪن ۾ وڏي مقبول آهي.
ڪستوري جي خوشبو ڪستوري هرڻ جي دن سان واڳيل جهلي ۾ هوندي آهي، ڪستوري نر هرڻ ۾ ان تڏهن پيدا ٿيندا آهن جڏهن اهو جواب ٿيندو آهي، بنيادي طور تي ان خوشبو جو مقصد مادي هرڻ لاءِ پرڪشش بڻجڻ هوندو آهي ۽ نر هرڻ ان جو استعمال ماديءَ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪندا آهن.
ڪستوري هڪ سنهڙي جهلي ۾ هوندي آهي ۽ جڏهن ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هرڻ جو شڪار ڪيو ويندو آهي ته ماهر شڪاري تيزي سان ان کي هٿ ۾ کڻي ٻاهر ڪڍندا آهن ۽ جلدي حاصل ڪندا آهن، اهو اڌ خشڪ داڻيدار سفوف هوندو آهي جنهن کي بعد ۾ خشڪ ڪيو ويندو آهي.
ان لاءِ مختلف طريقا استعمال ٿيندا، سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ طريقو اهو آهي ته ان کي چانورن ۾ رکي ڇڏجي، چانور هن جي گهم کي خشڪ ڪري ڇڏيندا آهن، ڪجهه ماڻهو ان کي باهه جو تئو ڏئي يا وري اس ۾ خشڪ ڪندا آهن
ڪستوري مختلف علائقن ۽ هرڻن جي عمر جي حساب سان هوندي آهي ۽ عام طور تي اڌ تولي کان چار تولا ملندي آهي.