شڪارپور (رپورٽ: سميرا ڀٽي)
شڪارپور عوامي ميڊيا سينٽر تي استادن جي گسٽا مھيسر گروپ پاران گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول خانپور جي پرنسيپال جميل احمد سومرو خلاف پريس ڪانفرنس. پرنسيپال ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، شاگردن کان چندي جي نالي پئسه وٺي ڪرپشن ڪري رهيو آهي. پريس ڪانفرنس
تفصيل موجب: عوامي ميڊيا سينٽر تي استادن جي گسٽا مھيسر گروپ پاران مرڪزي سينيئر نائب صدر محمد بچل ابڙو، ضلعي صدر منير احمد ڀٽو، ضلعي جنرل سيڪريٽري محمد الياس حاجاڻو، ضلعي جوائنٽ سيڪريٽري جميل احمد دل، تعلقه صدر ڳڙھي ياسين حفيظ الله مھر، تعلقه صدر شڪارپور عبدالوحيد ڪنڀار، تعلقه خانپور صدر اعجاز احمد ملاڻو ۽ تعلقه نائب صدر شڪارپڳر شبير احمد لاڙڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته خانپور هائر سينڪنڊري جي پرنسيپال جميل احمد سومرو رڪارڊ ٽورڙ ڪرپشن ڪئي آهي جنھن شاگردن کان اسڪول جي صفائي جي نالي چندو ڪري پئسه هڙپ ڪيا آهن ان کان علاوه اسڪول جو ايس ايم سي فنڊ پڻ ھڙپ ڪري رهيو آهي.
هنن جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ عربي ڪلاس پڙھائيندڙ استاد محمد مقيم سومرو فوت ٿي ويو آهي جنھن جي جي پي فنڊ جي ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ لاءِ پرنسيپال ڳري رشوت طلب ڪئي آهي.
هنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو آهي ته پرنسيپال جميل سومرو شاگردن کان اسڪول ۾ رنگ ڪرائڻ جا پئسه ورتا ۽ اهي پئسه هڙپ ڪيا جڏھن ته رنگ ايس ايم سي فنڊ ۾ لکرايو آهي، هنن چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان اسڪول جا شاگرد بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آهن جنھن ۾ پاڻي جي سھولت ناهي ڀاٿروم جي صفائي نٿي ڪرائي وڃي ان کان علاوه کوڙ سارين سھولتن کان اسڪول محروم آهي.
هنن وڌيڪ چيو ته ڪجھ وقت اڳ 10 ڪلاس جي شاگردن امتحان جي مد ۾ فيس ورتي وئي آهي جيڪا هاءِڪورٽ سکر ۽ لاڙڪاڻي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو ته شاگردن کان فيس نه ورتي وڃي پر جميل سومرو سڀني10 ڪلاس جي شاگردن کان فيس جي نالي پئسه وٺي رڪارڊ ڪرپشن ڪئي آهي.
هنن ٻڌايو ته اسان سڀني شاگردن جا مسئلا حل ڪندا آهيون.
هنن آخر ۾ چيو ته ضلعي ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس گھرائي اهو فيصلو ڪيو ويندو ته ڪرپٽ پرنسيپال جميل سومري خلاف احتجاج جي تحريڪ هلائي ويندي، پھرين مرحلي ۾ ميڊ يا اعليٰ عملدارن ڏانھن لک پڙھ وارو عمل جاري رکيو ويندو ٻئي مرحلي ۾ اسڪول اندر ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويندو ۽ ٽئين مرحلي ۾ تعلقي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version